اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رفتار کي جانچڻ جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪندي 30 جون 2023ع تائين پي ايم يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين قرضن جي فراهمي جو هدف پورو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزي??اع??م چيو ته نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي، ن??جوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هو پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي هيستائين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته حڪومت نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ روزگار جي حوالي سان خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوجوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي. پاڪستاني نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، اسان جي باصلاحيت نوجوانن جا جذبا بلند آهن، وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومتي ۽ نجي شعبن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏجي اهي ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍيو وڃي. وزي??اع??م پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رفتار کي جانچڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي سربراهي ۾ وزي??اع??م پاڻ ڪندو. ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار به شامل هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جو بنيادي مقصد نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ جو فروغ ۽ انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن اسڪيم ذريعي 2013ع کان هيستائين 54 هزار ماڻهن کي 73.55 ارب رپين جو قرض فراهم ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايم يوٿ لون اسڪيم جو موجوده پورٽل جي باقاعده شروعات 24 جنوري 2023ع تي ڪئي وئي، ان اسڪيم تحت 18 کان 45 سال جا ماڻهو 45 ڏينهن جي اندر آسان شرطن تي قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. ان اسڪيم ۾ 25 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 30 جون 2023ع تائين ان اسڪيم تحت 30 ارب رپين تائين جا قرض فراهم ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ شريڪ بئنڪن ۽ مائيڪ??و فنانس جي ادارن جا سربراهه پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان ت??جي??ي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سمورا هدف مقرر مدي جي اندر پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائين. وزي??اع??م 30 جون 2023ع تائين پي ايم يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين جا قرض فراهم ڪرڻ جي هدف کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان سمورن آپري??نل مسئلن کي ت??جي??ي بنيادن تي حل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي، جنهن ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا، وزي??اع??م جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي سيڪريٽري، اخوت فائونڊيشن جو باني امجد ثاقب، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، ن????نل رورل سپورٽ پروگرام، بئنڪ آف پنجاب، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح لميٽيڊ جا صدر شامل هوندا. اجلاس ۾ وزي??اع??م جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، بئنڪن ۽ مائيڪ??و فنانس ادارن جي صدرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.