اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي شاباش ڏيندي غير معمولي بهادرري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفي??رن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ پنجاب پوليس جي آفي??رن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پوليس دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ اسان جو قابل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف سڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ جذبي تي سڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد هٿيارن سان ليس ڪ??دا??ين. سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ آهي.