اسلام آباد– 03 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر ۾ سفري سه??لتن جي بهتري جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي مختلف سيڪٽرز کي ميٽروب?? سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ منصوبو جاري ڪيو ويو، 13 روٽس ۽ 128 بسن تي ٻڌل فيڊر ??وٽس بس نيٽ ورڪ جو پهريو مرحلو ايندڙ سال جي پهرين ٽي ماهي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. زويراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پهرين مرحلي ۾ ايف، جي ۽ آئي سيڪٽرز سان گڏو گڏ ڊي 12 کي مرڪزي ميٽرو نيٽ ورڪ سان بسون جي ذريعي ڳنڍيو ويندو. ان فيڊر ??وٽس سان تقريبن هڪ لک مسافرن کي آرام ده ۽ عالمي معيار جون سفري سه??لتون ميسر اينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.