اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورن??زي?? چيو آهي ته ملڪ کي سيڪيورٽي ٿريٽ رڳو فارن فنڊيڊ ايبسليوٽلي فراڊ فتني کان آهي، هاڻي خوشحالي رڳو ان جي قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ سان ئي ايندي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ??ندي اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته ذميواري واقعي عمران نيازي جي هئي پر حڪمراني بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي وٽ هئي. اڌ ??او?? سان ملڪ کي ڦريندڙ جو اهو عالم آهي، پوري ملي وڃي ها ته الله ئي حافظ هو. هن چيو ته عمران خان اڌ ??او?? سان ملڪي مفاد سان کيڏيو، غلط ۽ صحيح جي فڪر نه ڪندي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ چالون هليون، خدا نه ڪري کيس پورو ??او?? ملي وڃي ها ته ملڪ جو ڇا ٿئي ها؟ هن چيو ته عمران نيازي وٽ اڌ ??او?? هو ۽ حڪمراني نه هئي ته چار سال ڇو نه ٻڌايو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي پوري ??او?? کي سياسي مخالفن جي خلاف پنهنجي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته عمران خان اڌ ??او?? سان توشه خانه کي ڦريو، اڌ ??او?? سان غيرقانوني فارن فنڊنگ ورتي، ڪشمير جو سودو ڪيو، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو. هن چيو ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سيڪيورٽي ٿريٽ فارن فنڊيڊ فتنو ۽ فراڊ آهي جنهن ملڪي سيڪيورٽي ۽ قومي مفادن سان سنگين راند کيڏي.