اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان ملاقات ۾ ٻن نقطن تي ڳالهه ڪئي. هڪ اهو ته تمام وڏي پ??ماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪ??و ته سموري ملڪي ۽ عالمي ام??اد ۽ معاونت جي آڊيٽر جنرل ??اڪ??تان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان آڊٽ ڪرائي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان هڪ پرجوش ملاقات هينئر ختم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٿي. هن چ??و ته منهنجي انهن سان ڳالهه ٻولهه جو محور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ اهو ته ان ٻوڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي و??ت آهي ته سياست کي هڪ طرف ڪري ٻوڏ متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چ??و ته منهنجو ٻيو نقطو اهو هو ته منهنجو عزم آهي ته مقامي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ ام??اد ۽ معاونت جي آڊٽ آڊيٽر جنرل ??اڪ??تان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي ويندي.