اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي قطر جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير چار يورپي ملڪن جرمني، ڊيمنارڪ، سوئيڊن ۽ ناروي جو دورو ڪري رهيو آهي، اهي دورا اسان جي ح??يدارين سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ سفارتڪاري کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته اسان م??اس?? وقت تي انهن دورن بابت وڌيڪ تفصيل کان آگاهه ڪنداسين. ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير سان 15 آگسٽ تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ولي عهد پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي پوليس رياستي دهشتگردي جو کلي عام مظاهرو ڪندي هڪ سياسي قيدي محمد علي ح??ين کي ??مو?? جي ڪوٽ بلوال جيل ۾ آڻي ٽوف ارينا جي علائقي ۾ هڪ فرضي جهڙپ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو، جيل کان پري محمد علي ح??ين جو پراسرار حالت ۾ قتل والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي هٿان جعلي مقابلن ۾ قيدين جي عدالت کان مٿانهين ??تل جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو آهي. ترجمان چيو ته اهو ڪنهن قيدي جو اهڙي قسم جو ٻيو عدالت کان مٿانهون قتل آهي، ان کان اڳ راولاڪوٽ سان تعلق رکندڙ ضياءَ مصطفيٰ کي ??مو?? ڪوٽ بلوال جيل مان ڪڍي ڀارتي فوجين ??ونچ جي ٻيلن ۾ آڪٽوبر 2021ع ۾ فائرنگ ۾ شهيد ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ پري پول ڌانڌلي جي دانسته ڀارتي ڪوششن کي رد ڪري ٿو، والاريل علائقي جي عارضي رهواسين بشمول ٻاهرئين افرادي قوت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي به بطور ووٽر رجسٽر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو تازو اعلان والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد چونڊن جي نتيجن کي متاثر ڪرڻ جي ڀارتي ڪڌي منصوبي جو حصو آهي، ڪشميرين ??اڻ به مودي حڪومت جي غيرڪشميري شهرين ۽ والاريل ڪشمير ۾ عارضي رهواسين کي نام نهاد ڪشمير اسيمبلي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان قدم سان ??مو?? ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي جي خبر پوي ٿي. 2019ع ۾ خصوصي حيثيت جي خاتمي کانپوءِ ڀارت ۾ بي جي پي جي قيادت هيٺ حڪومت ??مو?? ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ناقابل بيان ظلم ڪيا آهن، ڀارتي قابض فوج جي هٿان 660 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هلندڙ سال 145 کان وڌيڪ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. ڳجهي ۽ سڌي سنئين غيرقانوني ڪاررواين ۾ ڪشميرين کي جعلي ڪيسن ۾ قتل ۽ گرفتار ڪرڻ کانسواءِ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ۽ انهن کي سرڪاري نوڪرين ??ان برطرفي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ بي رحماڻي پاليسي ۾ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي جذبي ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي ناقابل تسخير جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن جي انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ضمانت ڏني آهي، والاريل ڪشمير جي عوام وحشياڻي ڪاررواين آڏو مضبوط بيٺل آهي ۽ انهن آگسٽ 2019ع کانپوءِ بي جي پي حڪومت جي غيرقانوني قدمن کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي هندوتوا کان متاثر بي جي پي حڪومت کان تشدد ??وري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ۽ ??مو?? ۽ ڪشمير جي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.