اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي ??چا??ڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ??ه پاڪ بحريه، اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا، ??ول??س ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي فرض شناسي جو عمده مثال قائم ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊي?? آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته طوفاني ٻوڏ وهڪري ۾ ريسڪيو جي عملي جنهن بهادري، مهارت ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو آهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شديد موسمي حالتن ۾ والدين پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ڪن، ??لل?? تعاليٰ جو شڪر آهي ته ڪو حادثو نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته راولپنڊي سميت سڄي ملڪ جي ضلعي انتظاميا، ??ول??س ۽ ريسڪيو ٽيمون اسلام آباد ٽيم جي مثال جي پوئلڳي ڪن، هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي. هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح ٽيم ورڪ، محنت ۽ بهادري سان ڪم ڪريون ته انشاءَ ??لل?? مشڪلاتن جي طوفاني وهڪرن مان سرخرو ٿي نڪرنداسين. هن چيو ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ قومي ۽ انساني همدردي جي جذبي سان پنهنجي اهل وطنن جي مدد ڪريو.