اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) توانائي واري مملڪتي و??ير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گڏيل قومن جي خصوصي نمائن??ي کي لکيل خط کي ”اسان کي بچايو اپيل“ قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان ردعمل ڏيندي ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته اهو ??ط نه ”اسان کي بچايو“ جي اپيل آهي. مملڪتي و??ير چيو ته هڪ طرف تحريڪ انصاف آمريڪا تي ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف گڏيل قومن کي رحم جي اپيل ڪري رهي آهي. هن پڇيو ته اها ڪهڙي سازش آهي؟ هن چيو ته هڪ طرف آزادي جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف سياست چمڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ خط لکي رهيا آهن. هن چيو ته ٻين تي فتويٰ ڏيڻ وارا پي ٽي آءِ ليڊر ڪهڙي منهن سان گڏيل قومن کي عرضيون لکي رهيا آهن؟.