اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام چونڊن جي اسان جي اعلان تي پي ڊي ايم جي ر??عمل تي حيران آهيان، جمهوري ماڻهو تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان ئي ر??وع ڪندا آهن، ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي غيرملڪي سازش جو آله ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جون شرمناڪ منڊيون سجائي قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري. پي ڊي ايم جي ر??عمل جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و ته عام چونڊن جي اعلان تي پي ڊي ايم جي ر??عمل تي حيران آهيان. هن چ??و ته پي ڊي ايم ته آسمان سر تي کڻي ڇڏيو هو ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ۽ عوام ۾ پنهنجي تائيد ۽ مقبوليت وڃائي ويٺي آهي ته هاڻي پي ڊي ايم چونڊن کان خوفزده ڇو آهي. وزيراعظم چ??و ته جمهوري ماڻهو تائيد ۽ حمايت جي لاءِ سدائين عوام سان رجوع ڪندا آهن. هن چ??و ته ڇا پي ڊي ايم جي لاءِ اهو بهتر نه آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي غيرملڪي سازش ۾ آله ڪار بڻجڻ ۽ ضميرن جي شرمناڪ منڊيون سجا??ي اسان جو قومي اخلاقي ڍانچو تباهه ڪرڻ بدران چونڊون قبول ڪري.