اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 8 مارچ تي سبي ضلعي ۾ خودڪش حملي ۽ 21 مارچ تي باجوڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهي??ن جي عظيم قرباني تي انه?? کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهي??ن جي پوئي??رن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خودڪش حملي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي ش??اد?? تي سندس وارثن سان همدري جو اظهار ۽ شهي??ن جي بلند درجن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. صدر شهي??ن جي ۽ انهن جي خاندان?? کي وطن خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد?? کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عبداللطيف ۽ نائيڪ وحيد الله جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي عبدالجمال ۽ سپاهي سبطين حيدر جي پوئي??رن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، صدر 21 مارچ تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙن جي پوئي??رن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي ڪامران خان۽ نائب صوبيدار اشتياق احمد جي وارثن سان به ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. صدر شهي??ن جي بلند درجن ۽ پوئي??رن لاءِ صبر ۽ جميل جي به دعا ڪئي.