بيجنگ– 30 – مارچ (??ي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ا??را?? جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ا??را?? جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي ا??را?? جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الحق ۽ افغانستان ايمبي??ڊر لاءِ خصوصي نمائندو محمد صادق به موجود هو. ان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ تازو ئي ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل لاءِ 48 هين اجلاس ۾ پاڪستان پاران تجويز ڪيل ”ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي بابت قرارداد“ تي حمايت لاءِ ٿورو ادا ڪيو. ا??را?? جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان او اءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت کي خصوصي مبارڪباد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ا??را?? جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ا??را?? جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ انٽيلي جنس جي شعبن ۾ اعليٰ سطح جي لاڳاپن جي مٽاسٽا جي استحڪام جو مظهر آهي، ڪشمير جي مسئلي تي مسلسل ۽ غير متزلزل حمايت تي ا??را?? جي قيادت جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ا??را?? سان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ۽ واپاري حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 21 هين گڏيل اقتصادي ڪميشن جي جلد انعقاد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير ا??را??ي هم منصب کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان مندپشين سرحدي منڊين جي تعمير مڪمل ٿيڻ جو اشارو ڏنو، شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپورٽ ميڪنزم جي ئي ترسيل ۾ سهولت فراهم ڪندو رهندو، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي ا??را?? جي مختلف جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي جلد آزادي جو معاملو کنيو، پرڏيهي وزير هر سال ا??را?? ايندڙ 50 لک کان وڌيڪ پاڪستاني زائرين جي خصوصي سارسنڀال ڪرڻ ۽ ميرجاوها ۾ زائرين هائوس جي تعمير ڪرڻ تي ا??را??ي هم منصب جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ا??را??ي پرڏيهي وزير سان پاڪستاني ايمبيسي انٽرنيشنل اسڪول تهران جي لاءِ زمين مختص ڪرڻ جي درخواست ڪئي، همدرداڻو غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي قيادت ۽ عوام ا??را??ي صدر رئيسي جي جلد پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي معاملن تي مشاورت لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.