اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اس?? عمر تي ٻڌل حڪومتي وفد اسلام آباد ۾ ق ليگ جي قيادت سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پرويز الاهي، وفاقي وزير مونس الاهي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيمه، قومي اسيمبلي جا مي??بر چوڌري سالڪ حسين ۽ چوڌري حسين الاهي موجود هئا، ملاقات ۾ هنن موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي.