اسلام آ??اد – 07 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبل?? سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر الله تع??لي?? کان دعا ڪئي ??ه مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي الله تع??لي?? کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي ??هي.