اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پاڪستاني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پ??لي?? جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف ??لوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سميت وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ پ??لي?? جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سان مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.