اسلام آباد – 06 جنوري (ا?? پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قر??شي سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي ??زارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ برطانيه ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين جو ڪردار خصوصي اهميت رکندڙ آهي، شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان برطانيه سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻرطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.