اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چار لائينن واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت مسلم ليگ (ن)) جي حڪومتي دور جي 411 ملين رو??يا في ڪلوميٽر جي ??قابلي ۾ گهٽ ڪري 172 ملين رو??يا في ڪلو ميٽر ڪرڻ ?? روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي تي مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ??وئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پنهنجي حڪومتي دور جي ڀيٽ جو چارٽ جاري ڪندي چيو ته مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي شفافيت ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪري چار لائين واري هاءِ وي جي ??اڳت تي قومي خزاني کي مسلم ليگ ن جي حڪومتي دور جي ??قابلي ۾ وڏي بچت ٿي آهي، ان کانسواءِ گذريل دور جي ??قابلي ۾ ساڍا ٽن سال جي دوران روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 81.78 ارب روپين کان وڌي 184.14 رو??يا ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ 5.18 ارب روپين جي ??اليت جي زمين قبضن کان آجي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اها ڪاميابي ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حاصل ٿي آهي، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ چار لائين واري هاءِ وي جي تعميري لاڳت 17 ڪروڙ 20 لک رو??يا في ڪلوميٽر ٿي وئي آهي جيڪا مسلم ليگ (ن) جي 2013ع کان 2018ع جي حڪومتي دور ۾ 41 ڪروڙ 10 لک رو??يا في ڪلوميٽر يعني 138 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. هن ٻڌايو ته چار لائينن واري موٽر وي تي مسلم ليگ ن جي دور ۾ لاڳت 60 ڪروڙ 60 لک رو??يا هئي ۽ پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت 53 سيڪڙو گهٽ ٿي 38 ڪروڙ 50 لک رو??يا ٿي وئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ روڊ جي بحالي تي 8 ڪروڙ هڪ لک رو??يا في ڪلوميٽر لاڳت آئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت گهٽجي 5 ڪروڙ 30 لک رو??يا رهجي ??ئي. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ پهرين ساڍا ٽن سالن ۾ روينيو وصولي 8 ڪروڙ 17 لک روپين کان وڌيڪ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي انهي عرصي ۾ اها وصولي 18 ڪروڙ 41 لک روپين کان ٽپي وئي آهي جيڪو 125 سيڪڙو اضافو آهي.