اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني صوبائي چيف سيڪ??يٽ??ين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، اها هدايت هن پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي بهتري جي منصوبي تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته زراعت ۾ بهتر ميڪانائيزيشن ٽولز ۽ آءِ سي ٽي سان هلندڙ توسيع خدمتن جي متعارف ٿيڻ سان پاڪستا?? ۾ ??نقلاب برپا ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپاري پئماني تي زيتون جي ڪاشت ۽ جهينگن جي فارمنگ ??قت جي اهم ضرورت آهي ان سان روانگي واپار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم چيو ته ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ سان ڪسانن کي مشينري ۽ زرعي سامان خريدڻ ۾ سهولت ملندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن ??ي هدايت ڪئي ته ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي وڏي فصل?? ۾ ??حقيق لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا وڃن، هن ملڪ ۾ مويشن جي افزائش ۽ کير جي پيدوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻچڙن جي پرورش جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ مص??وع?? اينسيمينيشن کي بهتر ٽيڪنڪ متعارف ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم سڀني صوبائي چيف سيڪ??يٽ??ين کي هدايت ڪئي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي عير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوريا جي مص??وع?? کوٽ پيدا ڪندڙ ماڻهن خلاف انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.