اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انته??ئي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه ه?? آم??يڪ?? ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪانگريس مي?? گريگوري ميڪس سان گڏ ايشيا بابت ذيلي ڪميٽي جو چيئرمين ڪانگريس مي?? ايمي بيرا پڻ موجود هو. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن، علائق??ئي صورتحال سميت گڏيل دلسچپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير آم??يڪ?? ڪانگريس جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انته??ئي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي ??ٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي. پرڏيهي وزير وفد جي مي??برن کي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ميسر موقعن کان آگاهه ڪندي آم??يڪ?? ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. آم??يڪ?? سيڙپڪار ڪمپنيون، پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ آءِ ٽي شعبي ۽ 200 ملين ماڻهن تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ مان فائدو کڻندي بهترين منافعو ڪم??ئي سگهن ٿيون. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير آم??يڪ?? ڪانگريس جي وفد کي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل معاونت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته تازو ئي پاڪستان ۾ منقعد ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ڪانگريس مي?? گريگوري ميڪس ۽ ايمي بيرا پاڪستان جي دوري دوران پرخلوص مهمان نوازي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. آم??يڪ?? ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ڪابل مان آم??يڪ?? ۽ ٻين شهرن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل ڀرپور معاونت تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ڪانگريس مي?? گريگوري ميڪس پاڪستان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. آم??يڪ?? ايوان نمائندگان جي وفد آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون آم??يڪ??ن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.