اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي سان بيلجيئم جي نائب پرڏيهي وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير صوفي وليمز ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ حالتن جي تبديلي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق ان موقعي تي ڳالهائين??ي شاه محمود قريشي چي?? ته پاڪستان ڪابل ۾ وطن واپسي جي منتظر عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ مختلف ملڪن جي سفارتي عملي جي جلد ??يڪ??لي ۾ معاونت فراهم ڪري رهيو آهي. بيلجيئم جي پرڏيهي وزير ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي ??يڪ??لي م خاص معاونت جي فراهمي تي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.