اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مسلم ڪانفرنس ج?? صدر سردار عتيق احمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وزير علي ??مين گنڊاپور، پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري عامر ڪياني پڻ مو??ود هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊن جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته آزاد ڪشمير جُون ٻئي وڏيُون سياسي پارٽيون (پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ڪانفرنس) پنهنجي پنهنجي منشور مو??ب چونڊن ۾ شريڪ ٿينديون.