ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشرتي ترقي جي ل??ءِ بطور اداري مسجدن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مسجدون نه رڳو اسلامي رسمن جي ل??ءِ هونديون آهن پر معاشرتي خدمت کي عوام تائين پهچائڻ جي ل??ءِ پڻ بهترين ذريعو آهن. صدر گورنر هائوس سنڌ ۾ دعوت اسلامي جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد گرين پاڪستان ويزن بابت ??نهنجي سرگرمين ۾ حڪومت کي تعاون جي درخواست ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي وفد جي ميمبرن تي پڻ زور ڏنو ته اهي پنهنجي معاشرتي ڪم سان گڏوگڏ عوام کي بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي ف??اه?? ڪن.