اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪست??ن جي مستقل حمايت جي عزم کي ورجايو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان فلسطيني صدر سان فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مسجد اقصيٰ ۾ بيگناهه نما??ين تي حملن ۽ غزه ۾ اسرائيل پاران فض??ئي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيتر??ئي شهري مارجي ويا. وزيراعظم فلسطيني صدر کي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اهڙي طرح جي خلاف ور??ين جي خلاف عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪست??ن جي ڪوششن جو يقين ڏياريو.