اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا ۾ غربت ۽ تنگدستي جي ??اتمي لاءِ پنج نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار زرعي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، زرعي ۽ خوراڪ جي مصنوعات جي لاءِ مناسب ۽ منصفاڻي قيمتن کي يقيني بڻائڻ، خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ مهارتون اختيار ڪرڻ، زراعت ۽ صنعتي شعبن ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ??ي استعمال ۽ خوراڪ جي کپت ۽ پيداوار جي ??ريقن تي نظرثاني جي ??رورت آهي، اسان کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، دنيا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ دوران مختلف چئلينجز درپيش آهن، يا ته اسان گڏ ختم ٿي وينداسين ??ا پوءِ گڏجي چئلينجز مان ڪامياب ٿي نڪرنداسين، آبادگارن کي ڪارپوريشنز جي ??حم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي، پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي لاءِ فنڊز ۾ ٽ??ڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي، سي پيڪ ۾ زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي ڪم کي پڻ شامل ڪيو آهي، پاڪستان جي ??ڪومت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ کي پنهنجي ??رجيح بڻايو آهي، ڪورونا وبا ۾ احساس پروگرام ذريعي مالي مشڪلاتن جي ??اوجود غريب خاندانن کي مالي معاونت فراهم ڪئي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 10 ارب وڻ لڳائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ جي گورننگ ڪائونسل جي ??جلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته زراعت انساني بقاءَ جي لاءِ اهميت رکي ٿي، زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ اسرندڙ ملڪن ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ دنيا کي زرعي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي ??هيو آهي، دنيا جي ??بادي جلد ئي 8 ارب تائين ??هچي ويندي جڏهن ته 60 ڪروڙ ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار ٿي سگهن ٿا?? 20 ??ان وڌيڪ ملڪن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، خوراڪ جي ??المي اداري ڪجهه غريب ترين ??لڪن ۽ انتشار جو شڪار علائقن ۾ ڏڪار جي ??طري کان خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي ??روعاتي ٻن هدفن غربت ۽ تنگدسي جي ??اتمي جي ??والي سان مختلف چئلينجز درپيش آهن، ان سلسلي ۾ مالي وسيلن ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي، واپاري مسئلا، پيداوار ۽ کپت جا غيرروايتي طريقا، زرعي زمين ۽ ٻيلن ۾ گهٽتائي، پاڻي جو بحران، حياتياتي تنوع جو نقصان ۽ آلوده درياءَ ۽ سمنڊ جهڙا مسئلا آهن. هن چيو ته اسان کي مستقبل جي پنهنجي ويزن ۾ انقلاب آڻڻ جي ??رورت آهي، ڪورونا وبا ۽ موسمياتي بحران جي ??والي سان امير هجي يا غريب، ڪمزور هجي يا طاقتور سڀني کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ??ه انهن جو مقدر پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي، اسان يا ته گڏ ختم ٿي وينداسين ??ا پوءِ گڏجي ڪامياب ٿي چئلينجز مان نڪرنداسين. هن چيو ته علائقائي يا عالمي تسلط، غيرملڪي مداخلت ۽ قبضي جي ??ياسي فائدن ۽ ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي ??والي سان جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ رڪاوٽن جو تصور پري ناهي رهيو ۽ شيون جلد ئي اڻ لاڳاپيل نظر اينديون.