اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ مالياتي شموليت کي يقيني بڻا??ڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو انهن کي مالي طور تي بااخت??ار بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ انهن جو ڪردار وڌا??ڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هو ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي مالياتي شموليت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.