پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي پاران سامونڊي طوفان بپر جوائي کي نظر ۾ رکندي محفوظ هوائي سفر جي حوالي سان سمورن ايئر لائنز لاءِ هدايت نامو جاري پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سامونڊي

image

اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) طوفان بپر جوائي کي نظر ۾ رکندي محفوظ هوائي سفر جي حوالي سان سمورن ايئر لائنز لاءِ هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان طرفان جمعي تي جاري بيان مطابق اهو هدايت نامو (نوٽم) تيز هوائن جي امڪان سبب جاري ڪيو ويو آهي جيڪو جمعي جي رات 12 وڳي تائين جاري رهندو. اٿارٽي طرفان هدايت نامو ڪراچي، سکر، موهن جودڙو ۽ نوابشاهه ايئرپورٽس لاءِ جاري ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته انهن ايئرپورٽس تي هوا جي رفتار 30 ناٽس هجڻ جي صورت ۾ لينڊنگ يا ٽيڪ آف جي اجازت نه هوندي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں