پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

image

اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين محردين سان ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں