چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image
APP56-010223 ISLAMABAD: February 01 - A delegation of China National Nuclear Corporation calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/IQJ/ABB

اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن پاڪستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي، پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي آهي ۽ پاڪستان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري چين جي حڪومت ۽ عوام جي پاڪستان سان محبت جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي ۾ چين جي حصيداري سان تعمير ٿيل ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت چين پاڪستان ۾ بجلي جي شارٽ فال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي مون سميت سڄي قوم چين جي حڪومت ۽ عوام جي ٿورائتي آهي. ملاقات ۾ چائنا اٽامڪ انرجي اٿارٽي (سي اي اي اي) جي وائيس چيئرمين ليوجنگ، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چن شوئي ۽ لاڳاپيل چيني اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چين جي پاڪستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي. وفد وزيراعظم کي ڪي ٿري کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں