اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئو?? ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهي صارفين احساس ويب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگهن ٿا، احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگ??ون 15 سيپٽمبر 2020?? تي بند ٿي چڪ??ون آهن، اهي اصل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگ??ون 30 سيپٽمبر 2020?? تائين جاري رهنديون، اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي ??قم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگ??ون 30 سيپٽمبر 2020?? تائين جاري رهنديون.