اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته انسانيت جي خد??ت اسان جومذهبي ۽ قومي فرض آهي ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن چيو ته انسانيت جي خد??ت ڪ??دڙ جو نالو سدائين زندهه رهي ٿو. هن چيو ته ٻين جي ڏک درد کي پنهنجو ڏک درد سمجهڻ ئي ??ند??ي جو اصل مقصد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽائيگر فورس قائم ڪرڻ جي من??سب?? سان ملڪي سطح تي ملهائج??دڙ خاص ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويندو. اسپيڪر اسد قيصر ڪورونا ??با دوران ٽائيگر فورس جي اڻٿڪ خد??تن کي ساراهيندي چيو ته ڪورونا وائرس ??با دوران ٽائيگر فورس رضاڪار ملڪ ۽ قوم جي خد??ت ڪري رهيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ٽائيگر فورس جي مدد سان ملڪ کي هنگامي صورتحال ۾ پيش اي??دڙ بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي اندر انسانيت جي مدد ۽ خد??ت جو جذبو پيدا ڪري وٺون ته اسان هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.