اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۽ قيمتي جاني نقصا?? تي تعزيت ڪندڙ سمورن عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ عالمي اڳواڻن جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار جو تمام گهڻو قدر ڪري ٿي ۽ انهن جي جذب?? تي انهن جي ٿورائت?? آهي.