اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانسان?? سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين ??ي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورتن ۽ ٻارن ??ي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري ??کي?? آهي، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان محروم ??کي?? آهي.