اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ 200 ارب رپين جي رليف پئڪيج ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال کان سخت متاثر ٿيندڙ مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ 75 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان قدم سان وڌيڪ 60 لک خاندانن کي امداد فراهم ڪرڻ ?? مدد م??ند??، اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت جي 19 منصوبن جي لاءِ 606 ملين ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي لاءِ 7 ملين رپين سميت ڪيترين ئي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.