اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته اسڪائوٽ معاشري ۾ هيٺئين سطح تي شهري ذميوارين جو احساس پيدا ڪري تبديلي جا محرڪ بڻجي سگهن ٿا، ڪيترين ئي قومن قوت، علم، ڏاهپ ۽ بلند ڪردار سان پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي، اڄ اسان کي انهن ئي اصولن تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 16هين چيف اسڪائوٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻائڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. ??لف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.