سيالڪوٽ – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 2020ع قومي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ مالي رليف ڏيڻ جو سال ثابت ٿيندو، حڪومت هر رياستي اداري مان بدعنواني کي پاڙ کان پٽي اڇلائ?? جي لاءِ پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پوري طرح پرعزم ??هي، وزيراعظم عمران خان قوم جي امنگن موجب ملڪ جي ترقي جي لاءِ پرعزم ??هي، ملڪ جا چونڊيل نمائندا ??ن سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.