لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدا??ت ڪئي آهي ته سالياني ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ عملي قدمن تي ڌيان ??نو وڃي، کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي گهٽ کان ??هٽ رکڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، سيڙپڪاري جا موقعا وڌايا وڃن، عوام کي موجوده حڪومت جي فلاحي ڪمن بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب جي مالياتي ۽ معاشي پاليسي بابت اجلاس ۾ بريفنگ ڏن?? وئي.