ڪراچي – 26 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري دوائن جي آسان ف??اهمي جي لاءِ دواسازي جي صنعت کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ف??رماسيوٽيڪل مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن گورنر هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.