اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڊسمبر ۾ 1328 ارب روپي?? جو محصول وصول ڪيو. اها ڳالهه ناڻي واري وزير جي صلاحڪار شهزاد پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته ڊسمبر لاءِ مقرر ڪيل هدف?? جو 97 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو آهي. جون 2024ع کانپوءِ ايف بي آر پهريون ڀيرو وصوليون ڪيون آهن، جون ۾ 1190 ارب روپي?? جو محصول وصول ڪيو هو. هن چيو ته ايف بي آر ڊسمبر 2024ع ۾ 70 ارب روپيا ري فنڊ جاري ڪرڻ باوجود وڌيڪ وصوليون ڪيون، گذريل سال ڊسمبر ۾ ري فنڊ جي مد ۾ 38 ارب روپيو?? جون ادائيگيون ڪيون ويون هيون. جاري مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايف بي آر مجموعي طور تي 5.625 ٽريلين روپيو?? جو وصوليون ڪيون، جيڪي ان مدي جو مجموعي هدف جو 94 سيڪڙو آهي. هن چيو ته جي ڊي ??ي جي تناسب سان ٽه ماهي بنيادن تي ٽيڪسن جي شرح 10.8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو هدف 10.6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو، جي ڊي ??ي جي تناسب سان ٽيڪس?? جو هدف چار سالن جي بلند ترين سطح تي آهي.