راولپنڊي-02 جنوري (اي پي پي) 9 مئي 2023ع واري سانحي جي 19 ڏوهارين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن تي عملدرآمد دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيون هيون، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مو??ب گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون درخواستون داخل ڪيون هيون، 48 درخواستن ک?? قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليو ويو، 19 ڏهارين جي درخواستن ک?? انساني بنيادن تي قانون مو??ب منظور ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل رحم وارين درخواستن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ قانون مو??ب ڪيو ويندو. ڏوهارين ک?? باضابطه ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوهارين وٽ اپيل ڪر?? ۽ قانون ۽ آئين مو??ب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ?? قانون مو??ب انساني همد??دي جي بنياد تي 20 ڏوهارين ک?? آزاد ڪر?? جو حڪم ڏنو ويو هو.