اسلام آ??اد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي تعليم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عا??مي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 23 کان وڌيڪ ملڪن ??ا نمائندا، تعليمي ماهرن، وزير ۽ اسڪولز ??ا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عا??مي برادري کي ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اسلامي ملڪن ??ا نمائندا پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. اها ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانفرنس ۾ مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عا??مي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عا??مي بئنڪ سميت مختلف عا??مي تنظيمن ??ا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آ??اد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.