لاهور – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ضلعي جي علائقي سراروغا ۾ 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو آهي ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن تي فخر ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ مان فتنه الخوارج ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جن?? جاري رهندي.