اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي هاڻوڪي افتتاح کانپوءِ ان جي ڪمرشلائي??يش?? لاءِ جامع منصوبو تيار ڪرڻ ۾ دير تي سخت ڇنڊ پٽي، اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال گوادر کي عالمي ايئر لائنز لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻائڻ جي اهميت تي ??ور ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افتتاح جي 6 مهينن اندر ايئر لائنز کي ان طرف راغب نه ڪيو ويو ته ان جي ڪاميابي جا امڪان گهٽجي ويندا. هن ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جهڙن خطن مان ڊگهي فاصلي جي اڏامن کي راغب ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج سالن لاءِ سستي اگهن تي فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني. چين جي حڪومت 230 ملين ڊالرن جي تعاون سان تعمير ڪيل نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو رن وي 3648 ميٽرن تي ٻڌل آهي. ان جي مسافر ٽرمينل بلڊنگ جي ايراضي 14،000 چورس ميٽر آهي ۽ ان ۾ پوليس اسٽيشن، سيڪيورٽي، گودام ۽ ٻيون ضروري عمارتون، عوامي سهولتون، (پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي، ايڇ وي اي سي وغيره) هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول سهولتون، ڪميونٽي اسپتال، اسڪول، رهائشي عل??ئق?? ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن. ايڊيشنل ڊي جي پي اي اي ايئر وائيس مارشل ذيشان سعيد وفاقي وزير کي سيڪيورٽي انتظامن تي بريفنگ ڏني ۽ ڊسمبر تائين آپريشنل ڪليئرنس جي خ??طر?? ڪرائي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نيو گوادر ايئرپورٽ فيض الله خٽڪ ۽ ڊي جي ڪمرشل پي سي اي اي عبدالباس سرڪاري کاتن، گودامن لاءِ رکيل پلاٽن ۽ ٽينڊرز سميت جاري قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزير احسن اقبال ڪمرشلائي??يش?? رٿابندي ۾ ٻن سالن جي دير تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ پي سي اي اي کي هدايت ڪئي ته ايئر لائنز کي راغب ڪرڻ، ڪارگو سهولتون تيار ڪرڻ ۽ عالمي پارٽنرشپ قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪن، مارڪيٽ تي ٻڌل حڪمت عملي جي ضرورت تي ??ور ڀريندي احسن اقبال چيو ته ايئرپورٽ جي افتتاح کان پهرين مارڪيٽ تجربو ڪرڻ گهرجي ها. هن نشاندهي ڪئي ته عمان ۽ دبئي ۾ فني لينڊنگ ڪندڙ عالمي ايئر لائنز گوادر کي هڪ گهٽ لاڳت متبادل طور ڏسي سگهن ٿيون ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي اين جي آءِ اي کي ان جي مطابق پيش ڪن. هن مسافرن جي اچ وڃ سان گڏوگڏ ايئر ڪارگو سهولتن جي قيا?? تي ??ور ڀريندي پي سي اي اي کي هدايت ڪئي ته هو ڊي ايڇ ايل ۽ فيڊيڪس جهڙين عالمي لاجسٽڪس ڪمپنين سان شروع ڪن ۽ ڪارگو يوٽيلٽي کي ترجيح ڏين، عملدارن ٻڌايو ته اين جي آءِ اي ساليانو 4 لک مسافرن کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن کي عالمي سطح تي 16 لکن تائين وڌائي سگهجي ٿو، ايئرپورٽ جي استعمال کي وڌائڻ لاءِ وفاقي وزير ڪمرشل سهولتن جهڙوڪ ريسٽورنٽس، ڊيوٽي فري شاپس، تفريحي سهولتن جي ترقي تي ??ور ڀريو. بئنڪاڪ جي ڊان موانگ ايئرپورٽ جو مثال ڏيندي جتي رن ون وچ ۾ هڪ گولف ڪورس موجود آهي، هن مسافرن ۽ ڪاروباري ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ايئرپورٽ جي غير استعمال ٿيل زمين کي اهڙي طرح تخليقي منصوبن لاءِ استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني. وفاقي وزير اجلاس جي پڄاڻي تي پي اي اي عملدارن کي ٽن هفتن اندر هڪ جامع ڪمرشلائي??يش?? منصوبو پيش ڪرڻ جي ڊيڊ لائين ڏني جنهن ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ جي واضح ٽائيم لائنز ۽ حڪمت عملي شامل هجي.