رياض -10 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اميد ظاهر ڪئي آهي، ته نئين آمريڪي انتظاميه گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن موجب وچ اوڀر م امن جي ڪوششن کي ترجيحي طور هٿي ڏيندي، اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪافي ناهي، ??لس??يني عوام جي حقن لاءِ انهن سان گڏ ٿيڻ، گڏ بيهڻ ۽ انهن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪرڻ اخلاقي ۽ قانون ذميواري کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور ڪم ڪرڻو پوندو، غزه ۽ خطي ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي حاصلات، ??لس??ينين کي بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد کي يقيني بڻائڻ، اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي کي بدنام ڪرڻ کان روڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي ضرورت اهي، وچ اوڀر جي صورتحال تي ٻي عرب اسلامي سربراهي اجلاس لاءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي تياري جي اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته صرف اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪافي ناهي. هن ??لس??يني عوام جي حقن لاءِ انهن سان گڏ بيهڻ ۽ انهن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪرڻ اخلاقي ۽ قانوني ذميواري کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور ڪم ڪرڻ تي به زور ڀريو. نائب وزيراعظم چيو ته پوري مسلمان امت اڄ اسان ڏانهن ڏسي رهي آهي، اسان کي پختي ۽ سياسي عز?? ۽ مڪمل اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ ۽ موجوده صورتحال کي موثر طور منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي. هن غزه ۽ خطي م فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي حاصلات، ??لس??ينين کي بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد کي يقيني بڻائڻ، اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي کي بدنام ڪرڻ کان روڪڻ تي مجبور ڪرڻ ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي تي زور ڀريو آهي، ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته يو اين آر ڊبليو اي پنهنجون اهم ڪارروائيون جاري رکي، اسحاق ڊار گڏيل قومن جي ٺهراءَ اي ايس24/10 تي مڪمل عملدرآمد، گڏيل قومن م ??لس??ين جي مڪمل ميمبرشپ جي حيثيت سان شموليت جي حمايت، جنگي ڏوهن تي اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ، قانوني رستا تلاش ڪرڻ، اسرائيل تي فوري هٿيارن جي پابندي لاڳو ڪرڻ، گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي ميمبرشپ جو جامع جائزو وٺڻ ۽ منظور ٿيل ٺهرائن تي عملدرآمد م اڳڀرائي کي مربوط ڪرڻ لاءِ گڏيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس ذريعي وچ اوڀر لاءِ هڪ گڏيل عرب اسلامي خاص ايلچي نامزد ڪرڻ تي به زور ڀريو. هن چيو ته گذريل سال نومبر ۾ رياض م ٿيل پهرين گڏيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس م غزه م جنگ جي خاتمي لاءِ ڏور رس فيصلا ڪيا ويا هئا، جيتوڻيڪ هن جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان هڪ سال کان و??يڪ عرصو گذرڻ بعد به وچ اوڀر جي صورتحال و??يڪ خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسرائيل سمورن عالمي اصولن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اسرائيلي قابض فوج معصوم ??لس??ينين خلاف جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهه جاري رکيو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران بيگناهه ??لس??ينين جي شهادت جو تعداد 44 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هڪ لک کان و??يڪ زخمي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي هن چيو ته ??لس??ينين تائين عالمي قانونن جي رسائي کي و??يڪ محدود ڪيو ويو آهي. هن تڪرار کي لبنان، شام ۽ ايران تائين وڌايو ويو. ??لس??ين کان ٻاهر جي رياستن جي خودمختياري تي قبضو ڪرڻ نام نهاد عظيم تر اسرائيل نه رڪجندڙ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين نقصان سان ڀريل آهي. پاڪستان انهن ڀائر ملڪن خلاف اسرائيل جي فوجي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو، جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غيرموثر رهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، او آءِ سي ۽ عالمي انصاف واري عدالت طرفان جنگ بندي، بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد ۽ شهري تحفظ جي مطالبي کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي. گذريل مهيني ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي اتحاد جو افتتاحي اجلاس رٿڻ تي سعودي عرب جي هنن قدمن تي مبارڪون ڏيندي نائب وزيراعظم خاطري ڪرائي ته پاڪستان پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ اتحاد سان پنهنجي عز?? ۽ رابطن جي پاسداري ڪندو. پاڪستان گلوبل الائينس جي مختل?? موضوعاتي ورڪنگ گروپس ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن مسلم امت کي درپيش ان ناقابل برداشت مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گذريل نومبر ۾ پهرين عرب اسلامي سربراهي اجلاس کان پوءِ جوڙيل وزارتي ڪميٽي جي مخلصاڻين ڪوششن کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه ??لس??يني ڪاز جو حامي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل سال آڪٽوبر کان هن وقت تائين پاڪستان پنهنجي ??لس??يني ڀائرن لاءِ انساني امداد جي 12هين کيپ موڪلي آهي، ان کان علاوه ??لس??يني شاگردن کي مختلف پاڪستاني تعليمي ادارن م و??يڪ اسڪالرشپس فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ??لس??يني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان جي طبي ادارن م تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ به موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ??لس??يني ڀائرن جي حقن جي حمايت ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، خودمختيار رياست ??لس??ين جو قيام عمل ۾ نٿو اچي، جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس شريف هجي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ان موقعي تي خادمين حرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز السعود، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده مهمد بن سلمان بن عبدالعزيز آلس عود ۽ پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود بن عبدالله جو ٿورو مڃيو، جن ڪانفرنس جي تيارين لاءِ هي اهم اجلاس طلب ڪيو. هن ??لس??يني ڪاز لاءِ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل جي پختي وابستگي جي ڪوششن کي به ساراهيو.