راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جي نائب چيئرمين جنرل ??ان?? يوشيا اعليٰ سطحي وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو. معزز مهمان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وفدن جي س??ح تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال، خطي ۾ استحڪام جي قدمن ۽ ٻطرفي دفاع?? تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي بنياد تي قائم آهن. هن ان تاريخي حصيداري کي وقت جي هر امتحان ۾ ثابت قدم قرار ڏنو ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي. آرمي چيف چين جي قيادت جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته عالمي ۽ علائقائي حالتن جي تبديلي باوجود پاڪستان سان مضبوطي س??ن بيٺل آهي. جنرل ??ان?? يوشيا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ پاڪستان جي مستقل وابستگي کي س??راهيو. هن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ ان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل ??ان?? يو شيا شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي کيس پاڪستان آرمي جي هڪ چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.