گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلت??تا?? جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي فوري طور تي فراهمي ۽ بلت??تا?? يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي جي باصلاحيت شاگردن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ ارب رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي قيام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گلگت بلت??تا??، خيبرپختونخواهه بشمول اڳوڻي فاٽا جي ضم ضلعن ۽ بلوچ??تا?? جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي تي اسان جو پُورو ڌيان آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گلگت بلت??تا?? جي ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعظم غذر ضلعي جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خصوصي طور تي تعمير ٿيل گهرن جي وقت سر تڪميل ۽ انهن جي گهرن جي اعليٰ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته بوبر ڳوٺ ۾ نئين تيار ٿيل گهرن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. وزيراعظم گلگت بلت??تا?? جي انتظاميا کي غذر ضلعي ۾ تعليمي ادارن، راندين جي ميدانن، بجلي جي فراهمي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. هن گلگت بلت??تا?? جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي فوري طور تي فراهمي ۽ بلت??تا?? يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي جي باصلاحيت شاگردن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ ارب رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي قيام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته پن??اب جي طرز تي گلگت بلت??تا?? جي تعليم جي شعبي جي ترقي جي لاءِ دانش اسڪول متعارف ڪرائي رهيا آهيون، وفاقي حڪومت گلگت بلت??تا?? جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات سرگرم عمل آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پن??اب جي وڏي وزير جي حيثيت سان گلگت بلت??تا?? جي تعليم جي شعبي کي تحفي طور هڪ ارب رپيا ڏنا هئا. گلگت بلت??تا?? جي سمورن شعبن جي ترقي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تازي معاشي استحڪام ۾ وفاقي حڪومت سان سمورن صوبن جو تعان انتهائي اهم رهيو آهي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج 92 هزار جي تاريخي سطح عبور ڪري چڪي آهي، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي، ٽيڪس فائيلرز جي انگ ۾ اضافي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي، ملڪي ترقي جي سفر ۾ سمورن صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? جو تعاون اهم آهي. وزيراعظم چيو ته گلگت بلت??تا??، خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي فاٽا جي ضم ضلعن ۽ بلوچ??تا?? جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي تي اسان جو پُورو ڌيان آهي، وفاقي حڪومت گلگت بلت??تا?? ۾ سياحت جي شعبي جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته گلگت بلت??تا?? جي سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطري سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري چڪا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي گلگت بلت??تا?? ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلت??تا?? معاملن واري وفاقي وزير امير مقام، تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، گلگت بلت??تا?? ڪابينا جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.