اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان رياض روانو ٿي ويو. وزيراعظم رياض ۾ 29 کان 31 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ”لامحدود آفتون: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ اڄ جي سيڙپڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ شريڪ ٿيندا. شريڪ ملڪ پنهنجي معيشت جي خصوصيتن تي روشني وجهندي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻجندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، صحت ۽ پائيدار ترقي جي حو??لي ??ان دنيا کي درپيش مسئلن جي حل جي حو??لي ??ان ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿيندي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم جي سعودي اعليٰ قيادت ??ان ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ??ان به ملاقات متوقع آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، معدنيات، زراعت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم جي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن ??ان به ملاقاتون متوقع آهن. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم ??ان گڏ آهن.