سرينگر-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جي??ن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت سندن مادر وطن تي غير قانوني طور تي سندن خواهشن خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ۽ ڪشميرين جي امنگن خلاف سرينگر جي هوائي اڏي تي ??نهنجي فوج لاهي ڄم??ن ڪشمير تي ??بضو ڪري ورتو هو. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ س??مينار منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي بي جي پي جي هندوپرست حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ڄم??ن ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي به مذمت ڪئي ويندي. ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي ۽ ٻين آزاد پسند تنظيمن ان جي حمايت ڪئي آهي. حريت اڳواڻن ڪشميرين تي زور ڀريو آهي ته هو ڪارو ڏينهن ملهائي دنيا تي ??اضح ڪن ته ڄم??ن ڪشمير جي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي تائين پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکندا. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميرين کي درپيش انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ س??اسي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. سرينگر، بارهموله، پلوامه، اسلام آباد، ڪولگام، ڪپواڙه ۽ ڄم??ن ڪشمير جي ٻين حصن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ ڪشميرين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو پنهنجي مادر وطن تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف آچر ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن. پوسٽرن تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق ۽ مشتاق الاسلام سميت سينئر حريت اڳواڻن جون تصويرون موجود آهن. پوسٽر سماجي رابطن جي ويب سائٽس، ايڪس، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.