اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات،نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 26هين آئيني ترميم جي منظوري کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏ??ند?? چيو ??هي ته اڄ هڪ نئُون سج اڀريو آهي، اڄ پاڪستان جي عوام، رياست پاڪستان ۽ جمهوريت جي فتح ٿي آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ترميم عوام جي حق ۾ هوندي. اها ڳالهه هن 26هين آئيني ترميم جي منظوري تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سمورين اتحادي پارٽين ۽ قوم کي مبارڪباد ڏ??ند?? چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميم سان آئيني ۽ قانوني معاملن کي وڌيڪ استحڪام ملندو، 26هين آئيني ترميم تي ڊگهي ??شا??رت ٿ??، حڪومت حتي الامڪان ڪوشش ڪئي ته آئيني ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري جمهوريت جي ڪاميابي ??هي جنهن کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو و??ند??. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آئيني عدالت جي سوچ جو بنياد رکيو هو، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ترميم عوام جي حق ۾ هوندي. هن چيو ته آئيني ترميم سان عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ختم ٿ??ند??ون. وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ضد ناهي هوندو، آئيني ترميم جي منظوري ميثاق جمهوريت جي ايجنڊا جي تڪميل آهي. هن چيو ته آئيني ترميم سان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي کي تسليم ڪيو و??ند??. هن چيو ته آئيني ترميم سان عدليه ۾ مقررين ۽ ججز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي عمل ۾شفافيت ا??ند?? ۽ پارليامينٽ بالادست اداري جي طور تي پنهنجو ڪم ڪري سگهندو.