اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي ميزباني پاڪ??تا?? جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، ايس سي او پليٽ فارم تان پاڪ??تا?? کي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي چ??ن ۽ روس جهڙن ملڪن سان تعاون جا رستا کلي سگهن ٿا. اجلاس جي ميزباني سان پاڪ??تا?? جي ع??لمي سطح تي مقبوليت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو ٻين ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايس سي او جي پليٽ فارم علائقائي امن ۽ استحڪام کانسواءِ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي مثبت تاثر پاڪ??تا?? پاران هڪ ڪامياب ميزباني ع??لمي سطح تي ان جو مثبت تاثر قا??م ڪري سگهي ٿي جنهن سان عالمي تنظيمن ۽ ملڪن جي وچ ۾ ان جي حصيداري کي فروغ ملي سگهي ٿو. اجلاس جي ميزباني سان پاڪ??تا?? کي سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ٿو. اهڙا موقعا ملڪن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. هي پاڪ??تا?? جي ترقي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نادر موقعو آهي. سڄي دنيا جو ڌيان پاڪ??تا?? تي آهي ۽ ان موقعي سان وڏا وڏا ملڪ پاڪ??تا?? کي فخر جي نگاهه سان ڏسندا. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت، پاڪ??تا?? ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل آهن جيڪي ع??لمي سياست ۽ معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.