اسلام آباد-04 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي ترجمان چيو آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي فضائي آپريشن پنهنجي شيڊول موجب جاري آهي، مسافرن کي د??خواست آهي ته هو ايئرپورٽ ڏانهن سفر ڪندي متبادل ۽ کليل رستن بابت آگاهي حاصل ڪري گهران نڪرن. ترجمان مختلف شهرن خ??ص طور تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي رستن جي بندش جي معاملي تي جاري بيان ۾ چيو ته مسافرن کي د??خواست آهي ته اڏام جي مناسبت سان مقرر وقت کان گهڻو اڳ ايئرپورٽ روانو ٿين ته ??يئ?? هو وقت سر پهچي وڃن.ترجمان چيو ته رش ۽ اڏام نڪري وڃڻ جي پريشاني کان بچڻ لاءِ وقت ڪڍي جلدي ايئرپورٽ ڏانهن رخ ڪرڻ بهتر آهي. پنهنجي اڏامن بابت وقت سر معلومات يا بڪنگ جي تبديلي لاءِ پي آءِ سي جي ڪال سينٽر 786 786 111 تي رابطو ڪن.