اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستقبل جي گڏيل قومن جي سربراهي اجلاس جي لاءِ پنهنجي اميدن جو خاڪو پيش ڪندي اسرندڙ ملڪن جي وڌندڙ قرضن جي بار سميت ??ال??ي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر ??ال??ي تعاون تي زور ڏنو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف 48هين ??ال??ي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ مهيني نيويارڪ ۾ منع??د ٿيندڙ گڏيل قومن جي اجلاس جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي. وزيراعظم چيو ته ??ستقبل جو سربراهي اجلاس هڪ عظيم موقعو فراهم ڪري ٿو ۽ اسان کي ان موقعي کي وڃائڻ نه گهرجي. هن ورچوئل لائيو ايونٽ کي ??ال??ي ڪال ٽو ايڪشن جو حصو قرار ڏنو، جيڪو 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ گڏيل قومن جي سربراهي اجلاس جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ آهي. ان تاريخي اجلاس ۾ 130 کان وڌيڪ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي شرڪت متوقع آهي، جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ 24 هين سيپٽمبر تي شروع ٿيندڙ سالياني اعليٰ سطحي مباحثي کان اڳ منع??د ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سمٽ آف دي فيوچر کان اڳ ورچوئل اجلاس گلوبل ڪال کي خطاب ڪندي چيو ته 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن تحت منع??د ٿيندڙ اجلاس، سمٽ آف دي فيوچر ۾ مستقبل جي لاءِ پائيدار ترقي، ترقياتي سيڙپڪاري، ??ال??ي امن ۽ سلامتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڊيجيٽل تعاون، نوجوان ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل ۽ ??ال??ي گورننس ۾ بدلاءُ تي حڪومتن جي وچ ۾ عملي قدمن تي ٻڌل هڪ مستقبل جو معاهدو (Pact of the Future) طئي ٿيندو. سمٽ آف دي فيوچر کان اڳ وزيراعظم نميبيا جي صدر نانگولو بمبا (Nangolo Mbumba) ۽ جرمن چانسلر اولاف شولز جي ميزباني ۾ منعقد ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪيو. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ورچوئل اجلاس ۾ ??ال??ي اڳواڻن کي معاشي طور تي ڪمزور ملڪن جي لاءِ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ ??ال??ي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلان پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??ئين ??ال??ي چئلينجز ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سان دنيا جي ورڇ ٿيڻ جو خطرو آهي، دنيا کي متحد ڪرڻ جي لاءِ برابري ۽ انصاف ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته غزه جي مسلمانن جون مصيبتون ??ال??ي اتحاد جي کليل توهين آهي. هن چيو ته ??عاشي طور تي ڪمزور ملڪن تي قرضن جو بار ۽ غربت ۾ اضافو ??ال??ي اتحاد ۾ رڪاوٽ آهن. اهڙي طرح معاشي ورڇ، عدم برداشت، دهشتگردي، غيرقانوني غاصباڻي قبضي ۽ ماحولياتي تبديلين تي غيرسنجيدگي پڻ ??ال??ي اتحاد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم قرار ڏنو ته ??ائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??ال??ي معاشي ڍانچي جا سڌارا ضروري آهن. هن وڌيڪ چيو ته رعايتي قرض، رسمي ترقياتي معاونت ۽ ترقياتي بئنڪن کان قرضن ۾ اضافو معاشي طور تي ڪمزور ملڪن ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، ??ال??ي برادري کي ترقياتي سيڙپڪاري جي جديد طريقن بابت سوچڻو پوندو، واجب الادا قرضن جي موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ ٿيڻ جي اجازت ۽ قرضن جي برابراڻي معافي انهن جديد طريقن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ??وجوده دور ۾ ٽيڪنالاجي ۾ جدت ترقي جي ضمانت آهي، هر شخص خاص طور تي زمين جي ڏاکڻي ملڪن ۾ هر شهري جي جديد ٽيڪنالاجي تائين برابر پهچ اهميت رکندڙ آهي، اسان کي دنيا کي ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال کان پڻ محفوظ رکڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??اانصافي ۽ اڻبرابري مقامي ۽ ??ال??ي سطح تي خراب عنصرن کي استحصال جو موقعو ڏين ٿا، موسمياتي تبديلي ۽ قرضن جي بار هيٺ دٻيل قومون، دهشتگردي ۽ غلط معلومات جي چئلينجز ۾و رتل ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، انهن سمورن خطرن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ??ال??ي اتحاد ۽ تعاون انتهائي لازمي ٿي چڪو آهي، سمٽ آف دي فيوچر ??ال??ي تعاون جي پرچار جي لاءِ هڪ اهم موقعو آهي جنهن کي اسان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي.